اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو ڳوٺ ڦاٽوڙ جي رهواسين موتي ميگهواڙ، پريم ميگهواڙ، پارو ميگهواڙ، ڪونڀو ميگهواڙ، رانجهو ميگهواڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته اسان جي ٻنين،گهرن ۽ گسن گهيڙن تي برادري جي بااثرن قبضا ڪري ڇڏيا آهن،اسان سان روزاني جهيڙا ڪن ٿا، بااثر سگهرام ميگهواڙ، ڀوڄو، دانيش، عطيو ميگهواڙ ۽ ٻين وڏيرن جي چرچ تي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،اسان کي گهرن ۾ ويهڻ نه ٿا ڏين،هنن جي ظلم سبب اڳ ۾ اسان جا رشتيدار لڏي ويا آهن،رات مخالفن جهيڙو ڪري اسان کي مارڪٽ ڪئي ۽ چوپايو مال به چوري ڪري ويا آهن،اسان زمينن ۽ گهرن تي قبضن خلاف مختيارڪار کي درخواست ڏني اُنهي تي به هو مخالف نه ٿا اچن،نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.