ڪراچي: اسلام ڪوٽ ۾ گرلز ھاءِ اسڪول 1993ع ۾ قائم ٿيو، جنهن ۾ ھن وقت 530 شاگردياڻيون آھن، اسڪول ۾ 10 ڪلاس روم، ھڪ سائنس ليب، 16 ڪمپيوٽرز تي مشتمل ڪمپيوٽر ليب ھلندڙ آھي، تعليم کاتي ٿرپارڪر پاران اختيارين ڏانهن اماڻيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسلام ڪوٽ جي آبادي 29 ھزار آھي ۽ اتي ھڪ گرلز ھاءِ اسڪول ۽ بوائز ھاءِ اسڪول جي ضرورت آھي، انھن اسڪولن جي لاءِ اسلام ڪوٽ ۾ ھڪ پلاٽ پڻ خالي پيل آھي، اھڙي رپورٽ باوجود تعليم کاتي پاران ٿر فائونڊيشن کان نئون اسڪول تعمير ڪرائڻ بدران ھلندڙ اسڪول ٿر فائونڊيشن حوالي ڪيو ويو آھي.