اسلام ڪوٽ(ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ ڪم ڪندڙ حبڪو ڪمپني مقامي رهواسين کان مختلف بهانن ذريعي روزگار کسڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ بلاڪ ٽو جي ڳوٺ جيئندو درس جي رهواسين کي حبڪو ڪمپني روزگار ڏيڻ بدران روزگار تي لڳل ماڻهن کان ٺيڪا کسي اُنهن کي بيروزگار ڪرڻ سميت ڪم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڄاڻايل ڳوٺ جي رهواسي ۽ اي زيڊ ڪمپني جي مالڪ ذوالفقار درس کان ڪمپني ليبر جو ٺيڪو کسي ورتو آهي ۽ ٺيڪو کسڻ بعد ڳوٺاڻي جا رهيل ڏيڊ ڪروڙ روپيا به ڪمپني ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، حبڪو ڪمپني جي اهڙي زيادتي بعد ٺيڪيدار وٽ ڪم ڪندڙ سئو کان مٿي  غريب مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن،ڪمپني جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن اي زيڊ ڪمپني جي مالڪ ذوالفقار علي درس،عبدالحليم درس،فتح محمد،صديق ۽ مزدورن نارائڻ، ٽلو مل، ويرجي ڪولهي، قيمت راءِ جي اڳواڻي ۾ رهواسين پريس ڪلب آڏو حبڪو ڪمپني جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ خميس تي اسلام ڪوٽ ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو.