اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻئي ڏينھن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، جنهن سبب گرمي زور ٽٽي ويو آهي، اسلام ڪوٽ شهر جي لوھار پاڙي، ڪنڀر پاڙي، بجير پاڙي ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيهجي ويو، ٻئي طرف تعلقي اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ گوليو ۾ ٻن گهرن مٿان کنوڻ ڪرڻ سبب راڻو ميگھواڙ جو پٽ راهو، سندس ماءُ، پرمانند پٽ راڻو ۽ چمن ميگھواڙ جي گهر واري زخمي ٿي پئي. ساڳي ڳوٺ ۾ ويرسين ڀيل جي ڌيءَ خاتو پڻ زخمي ٿي پئي، جنهن کي طبي امداد لاءِ ڏونجهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف اسلام ڪوٽ ۽ مٺي روڊ تي ڳوٺ ٻاراچ ۽ ٻين هنڌن تي طوفاني ھوا سبب بجلي جا پول ڪري پيا جنھن نتيجي ۾ شھر اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ ڪيترائي ڪلاڪ بجلي معطل رھي، ايس ڊي او مٺي موجب ميرپورخاص مان بجلي جي بحالي لاءِ ٽيمون پهتيون آھن، 5 فيڊرن جي بجلي معطل آھي، بحالي لاءِ 36 ڪلاڪ جو وقت لڳي سگھي ٿو.