اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ مستحق عورت جي وظيفي جا پئسا ايجنٽ ڦٻائي ويو، احتجاج خبرموجب اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ متارو ساند جي رهواسڻ اميان زال هيمون ڪولهي پنهنجي مڙس سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهيندي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ جي وظيفي واري قسط جا 10500 رپيا ايجنٽ سنتوش لوهاڻو بار بار اڱوٺا لڳرائي ڪڍرائي ويو آهي، هاڻي پئيسا ڏيڻ کان جواب ڏئي ويٺو آهي، پهرين اڱوٺا لڳرائي چيائين پئسا ڏيان ٿو، اسان کي بار بار آسرن تي هلائيندو رهيو، چيائين پئسا اچي ويندا، اسان چيڪ ڪرايوسين ته پئسا نڪري چُڪا آهن، ايجنٽ مڪمل پئسا ڪڍرائي هاڻي جواب ڏئي ويٺو آهي، اسان لسٽ ڪڍرائي ڏٺوسين ته پئسا ڪڏهوڪا نڪري چُڪا آهن، اُهو لسٽ ايجنٽ کي ڏيکاري ته هاڻي ڌمڪين تي لهي آيو آهي، چوي ٿو جن وٽ وڃڻو آهي وڃو مون وٽ هڪ رپيو به ڪونهي، هنن احتجاج ڪندي چيو آهي ته نوٽيس وٺي فراڊ ڪندڙ ايجنٽ خلاف ڪاروائي ڪري معاوضي جي رقم واپس ڪرائي وڃي،