اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ سرڪاري اسڪول سماجي تنظيم حوالي ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن اسد آزاد هنگورجو، مشتاق جنهجي، ڀرت هميراڻي، ڊاڪٽر ستار لنجو، آزاد اشرف سمون، برڪت بجير، سبحان لنجو، ميرخان جنجهي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي، مظاهرين چيو ته ڪوئلي تي ڪم ڪندڙ ڪمپني ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران ٿرفائونڊيشن جي نالي تي اين جي اوز ٺاهي ڌنڌو ڪرڻ ۾ مصروف آهي، ڪمپني ڳوٺن ۾ نوان اسڪول کولڻ بدران ڳوٺن ۽ شهرن ۾ هلندڙ سرڪاري اسڪول وٺي بجيٽ هڙپ ڪري رهي آهي، ٿرفائونڊيشن جي اڳم هلندڙ اسڪولن ۾ بهتر تعليم ناهي، مقرر ڪيل ٽيچر گهٽ پڙهيل ۽ تجربيڪار نه پر سفارشي آهن، جن کي مقرر ڪري تعليم کي ويتر بگاڙيو پيو وڃي.