اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ميھاري بجير جي رھواسين قمرالدين بجير،طالب بجير،يوسف بجير،قبول،امتياز آچار بجير ۽ ٻين پاران ڳوٺ ڏانھن ويندڙ لنڪ روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي،ڳوٺاڻن دانھيندي چيو آھي ته اسان جي ڳوٺ تائين منظور ٿيل روڊ جو ڪم سالن کان اڌ ۾ بند پيل آھي،اسان ڪجهه مھينا اڳ ۾ ڪم بند ھجڻ خلاف پوليو مھم جو بائيڪاٽ ڪيو ھو،جنوري مهيني ۾ پوليو جو ڳوٺاڻن بائيڪاٽ ڪيو هو جيڪو ٽن ڏينهن تائين بائيڪاٽ جاري رهيو آخر ڪار اي سي اسلام ڪوٽ مختيار ڪار جي يقين ڌياني تي احتجاج ختم ڪري پوليو پياريو ويو جنهن کي ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو ڳوٺاڻن ٻيھر چتاءُ ڏنوآهي ته اگر اسان سان ضلعي انتظاميه انصاف نه ڪيو ته ٻيهر پوليو جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو جنهن بعد صرف هڪ ڳوٺ نه هاڻ پندرهن کان مٿي ڳوٺ به پوليو بائيڪاٽ لاءِ تيار آهن،