اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اختر لاشاري، مختيارڪار غلام مصطفيٰ کوسو ۽ ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار هڪ اطلاع تي دوري دوران ڏيپلو باءِ پاس روڊ تي وڏي ڪارروائي ڪئي آهي،اُنهي سلسلي ۾ مليل رپورٽن موجب ته ٿرڪول بلاڪ ون تان گندڪچرو کڻي باءِ پاس روڊن جي ٻنهي پاسن کان اُڇلائيندڙ 4 کيکڙا تحويل ۾ ورتا ويا آهن،جن ۾ ٻه کيکڙا گندڪچري سان ڀريل ۽ 2 خالي ٿيل هئا،جن کي ٿاڻي تي روانو ڪيو ويو،جڏهن ته کيکڙن جي ڊرائيورن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي،اسسٽنٽ ڪمشنر اخترلاشاري پاران ٽائون انتظاميا کي گندڪچرو اُڇلائيندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حُڪم ڏئي ڇڏيو آهي،اي سي اخترلاشاري چيو آهي ته گندڪچرو کڻي شهر اندر باءِ پاس روڊن تي اُڇلايو پيو وڃي جيڪو ڏوھ جي ذمري ۾ اچي ٿو،ٽائون چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته ملوثن خلاف ڪيس داخل ڪرائي،ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار چيو آهي ته هن معاملي تي قانون حرڪت ۾ ايندو،روڊن جي ٻنهي پاسن کان بنااجازت جي گندڪچرو اُڇلايو پئي ويو،جنهن سبب شهر جي سونهن سخت متاثر ٿي رهي آهي،هوڏانهن ٻي پاسي رات خبر اداري کي ميل ڪرڻ تائين تحويل ۾ ورتل کيکڙا ٿاڻي تي بيٺل هئا ۽ ڪيس داخل ڪرڻ بابت تياريون هلي رهيون هيون،ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.