اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ شهر ۾ باءِ پاس روڊ تي رهائشي ڪالونين جي لنگھه تي کُلندڙ امڪاني شراب جي گُتي خلاف مذهبي جماعتن، مختلف پاڙن، ڪالونين جي رهواسين، شهرين سميت سياسي سماجي ڌُرين جي سڏ تي شهري هڪ دفعو ٻيهر روڊن تي نڪري آيا، جنهن بعد سياسي سماجي ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن مولانا تاج محمد سومرو، مير محمد بليدي، مولانا عبدالخالق جوڻيجو، لياقت علي بجير، عبدالغني بجير، مولانا عبدالغني ميمڻ، سيد ڀورل شاهه، علي نواز مهراڻپوٽو، شاهنواز خاصخيلي، مفتي رفيق بجير، مبارڪ علي ڪنڀار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ٽائون موڙ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته پُرامن شهر ۾ وڌيڪ هڪ شراب جو گُتو کولي ماحول خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، منشيات جو وڪرو سرعام جاري آهي، جنهن سبب نوجوان نسل نشي جو عادي بڻجي رهيو آهي، اسان چئون ٿا ته شهر جي ماحول کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي، هنن چيو ته گُتي جو لائيسنس رد نه ٿيو ته جلد اسلام ڪوٽ ۾ تايخي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ بعد ضلعي سطع تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو،