اسلام ڪوٽ(ن پ ا) سلام ڪوٽ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاج خبر موجب اسلام ڪوٽ ۾ جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جي آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، انھي موقعي تي احتجاج ڪندڙن خليق ڪنڀر، بلجي سوٽهڙ، دولت شرما، دليپ ڪمار، سوائي راٺوڙ، آڪاش ڪمار ۽ ٻين خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته ٿرپارڪر کي مڪمل طور تي هارڊ ايريا قرار ڏنو وڃي ۽ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي به پاس ڪري آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن ۽ فوري طور تي آفر آرڊر جاري ڪري جوائننگ ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.