اسلام ڪوٽ(ن پ ا) ڪارونجهر جي ڪٽائي، ڇهه نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ طرفان اسلام ڪوٽ ۾ پريس ڪلب کان ننگر روڊ تائين  احتجاجي ريلي ڪڍي ھاءِ اسڪول اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ سنڌي ھاري تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ سميت شھرين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڪارونجھر جي ڪٽائي بند ڪريو، سنڌو مان نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش بند ڪريو، زمينون ڪمپنين کي ڏيڻ بند ڪريو، ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪرڻ بند ڪريو جا زوردار نعرا ھنيا ويا،  ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ  ضلعي صدر وڪيل ديال صحرائي، عمر بجير، ڏامرو ڪولھي، دليپ ڪمار، نارائڻ سنڌي، دليپ ڀيل،اشوڪ ٽاڀاڻي، لکميچند ڀيل، وڪيل ڀومجي ميگھواڙ، نمرو راجاڻي، وڪرم ميگھواڙ، ڪامريڊ اتم ڀيل  ۽ ٻين ڳالھاييندي  چيو ته ايس آئي ايف سي تحت ملڪ وڪرو ڪيو پيو وڃي، پيپلز پارٽي ايس آئي ايف سي ذريعي ڪارونجھر جي 36 هزار ايڪڙ زمين ڪمپني حوالي ڪري رهي آهي، سنڌ جو عوام ڪارونجھر تي ڪمپنين جي قبضي کي برداشت نه ڪندو. پيپلز پارٽي سرڪار پهرئين ڏينهن کان ڪارونجهر جي ڪٽائي جي سازش ڪري رهي آهي، سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي جي ان سنڌ دشمن سازش کي ناڪام بڻائيندو. ديال صحرائي چيو ته عمرڪوٽ جي هڪ لک نوي هزار ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏني پئي وڃي. سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي قبضو ڪري ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن، هن چيو ته ڪمپنيءَ کي ڏنل زمينن جي الاٽمينٽ فوري طور رد ڪري زمينون مقامي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن ۽ گورک ۽ ڪارونجھر سميت سمورن تاريخي، ثقافتي ۽ سياحتي ماڳن ۽ مڪانن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، ڪارونجهر جي ڪٽائي جي سازش ڪندڙ ملڪ دشمن عملدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ڪارونجھر سنڌ جي هزارا سالا تهذيب جو اهڃاڻ آهي، ڪارونجھر جي ڪٽائي سنڌ جي هزارا سالا تهذيب ۽ ثقافت تي حملو آهي.