اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ اوڪراڙو جي رهواسين پوليس اهلڪارن جي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو، رتن ڀيل، گلجي ڀيل، منٺار ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس عملدار ڪيولرام ڀيل، راهو ڀيل، پوليس اهلڪار چندن ڀيل، ماستر ايشور ۽ ٻيا اسان جي زمينن ۽ پلاٽن تي قبضا ڪري لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته ڪيولرام ڀيل پوليس ذريعي اسان کي تنگ ڪري رهيو آهي، اسان دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير دانهن نه ٿو ٻُڌي، هنن چيو ته پوليس عملدار ڪيولرام ڀيل، راهو ڀيل، ماستر ايشور ڀيل، پوليس اهلڪار چندن ڀيل، آلو ڀيل، جعمون ڀيل، هوٿي ڀيل، نرسو،ڪارو ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.