اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر ڏانهن ويندڙ زير زمين مٺي پاڻي جي پائيپ لائين جا پائيپ کوٽي چوري ڪري وڪرو ڪيا ويا آهن، پبلڪ هيلٿ کاتي جي هن پُراڻي پائيپ لائين کي لاوارث ڄاڻائي پائيپ ڪڍي وڪيا ويا آهن، اينگرو موڙ کان ڳوٺ وروائي تائين لوھ جا وزني پائيپ ايڪسيويٽرن ذريعي کوٽي ڪڍيا پيا وڃن،ٻُڌايو پيو وڃي ته 20 فوٽ جو هڪ پائيپ 25 کان 30 مڻ وزني آهي،هڪ پائيپ 3 لکن تائين وڪرو ڪيو ويو آهي، اندازن 8 ڪلوميٽرن تائين اِها لائين کوٽائي ڪري پائيپ ڪڍيا ويا آهن،واضع رهي ته ٿرڪول بلاڪ ون تي کوٽائي جو ڪم شروع ٿيڻ بعد اينگرو موڙ کان نئين ٺهيل روڊ سان گڏ پائيپ لائين لڳائي کاريو غلام شاھ تائين پُراڻي لائين سان ملايو ويو جنهن بعد رهيل پُراڻي لائين کي کوٽي پائيپ وڪرو ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب ته پائيپ ڪڍي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث ڌرين جي نشاندهي ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻُڌايو پيو وڃي ته بااثر ڌُرين ڪوڙو ۽ جعلي ٺيڪو ڄاڻائي لائين جا پائيپ کولي ٺيڪيدارن جي معرفت وڪرو ڪيا ويا آهن، ٻئي پاسي معاملو ميڊيا تي اچڻ بعد پبلڪ هيلٿ کاتي نوٽيس وٺندي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، اُنهي سلسلي ۾ رابطي تي پبلڪ هيلٿ کاتي جي ايڪسيئن منصور علي ڪنڀار ٻُڌايو ته معاملي جي اسان کي ڪا به ڄاڻ ناهي، معاملو ٻُڌڻ بعد ٻن اسسٽنٽ انجنيئرن کي موڪليو آهي ته سرزمين وزٽ ڪري رپورٽ ڏيو، مڪمل ڄاڻ ملڻ بعد ڪجھه چئي سگهجي ٿو، اسان جي طرفان اهڙو ڪو به ٺيڪو وغيره ناهي ڪيو ويو.