اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گوڙهيار ۾ زميني تڪرار تان اوٺا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 5 عورتن سميت 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ نور محمد، حنيف، پانڌي، قدير، مسمات امانت ٻائي، فضيلا، سومري، سنگهاران ٻائي، پري ٻائي شامل آهن، جن کي اسپتال نيو ويو، هڪ ڌر جي ماڻهن عمر اوٺو، ليمون اوٺو، خان محمد اوٺو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي دانهيو ته سرڪاري پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪيو ويو آهي جنهن ڪري لنگهه بند ٿي ويو، منع ڪرڻ تي مخالفن حملو ڪري زخمي ڪيو.