اسلام ڪوٽ (رپورٽ: الطاف اسماعيل بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ٻپوهار هنڱورجا ۾ غير شادي شده ٻن سڳين ڀيڻن 17 ورهين جي هيمان ڌي ڏانو ڀيل ۽ 15 ورهين جي وينتي ڌي ڏانو ڀيل جا سندن ئي ٻني ڀرسان ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ هڪ رئي سان ڦاهو کاڌل لاش مليا، ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي ٻنهي نارين جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ جي اسپتال آندا، انهي سلسلي ۾ فوتي نارين جي وارثن جو چوڻ هو ته اسين سڀ گهر ڀاتي ٻني تي هئاسين مرد کوھ تي پاڻي جو وارو واري چوپايو مال پياري رهيا هئاسين، جڏهن ته ڄاڻايل ڇوڪريون ٻنيءَ تي ڪم ڪندي ڀٽ مٿي چڙهي ويون، ٿوري دير گذرڻ بعد اسان ڳولا ڪئي ته ٻنهي ڇوڪرين جا هڪ ئي رئي سان ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ لاش گڏ ٽنگيا پيا هئا، فوتي نارين جي پيءُ ڏانو جو چوڻ هو ته ٻنهي نياڻين جي هڪ جي سال اڳ ۽ ٻي جي ٽي سال اڳ مڱڻي به ڪئي هئي، اهڙو ڪو معاملو نه هو، بس هفتي کان ٻئي ڇوڪريون عجيب حرڪتون ڪرڻ لڳيون هيون هڪ ئي رنگ جا ڪپڙا ساڳيء رنگ جا چنپل ماني به گڏ کائڻ يا گڏ ئي انڪار ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون ڪيائون پئي، انهي کان اڳ ٽي سال اڳ به منهنجي هڪ ڇوڪري خودڪشي ڪئي هئي باقي مون کي ڪنهن تي به شڪ نه آهي نه وري ڪا دشمني آهي، منهنجو نصيب ڦٽل آهي، اسان جي نياڻين جو دماغي توازن درست نه هئڻ سبب پاڻ ئي ڦاهو کاڌو آهي، اسان ڪا به قانوني ڪاروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون، پوليس موجب اطلاع تي اسان پهچي ٻنهي ڇوڪرين جا لاش تحويل ۾ وٺي اسلام ڪوٽ اسپتال آڻي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ليٽر ڏنو آهي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويندا ۽ معاملي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.