بدين (رپورٽر) اسلام ڪوٽ واسي سان پرائز بانڊ جي نالي تي 15 لکن جو فراڊ ڪندڙن خلاف ماڊل ٿاڻي بدين تي 8 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، ان ڏس ۾ ماڊل ٿاڻي بدين تي ڪيس  داخل ڪرائيندي راجيش ڪمار پٽ گووند رام موقف اختيار ڪيو آهي ته 8 جوابدارن  منهنجي دوست سنجي لوهاڻي سان رابطو ڪري پاڻ کي اسٽيٽ بينڪ جو ايجنٽ ڄاڻائي بدين شهر ۾ ٽکڙ اسٽاپ تي گهرائڻ بعد مون کي 15 سئو جي پرائز بانڊ تي 30 لک جو انعام کلڻ جو چئي 15 لک رپيا وٺي ويا آهن، فريادي موجب جوابدارن طرفان کيس ڏنل 15 سئو واري پرائز بانڊن جي جڏهن هن اسٽيٽ بينڪ مان جاچ ڪرائي ته بانڊ جعلي نڪتا، هن چيو ته جوابدار ٺڳي ڪري کائنس 15 لک رپيا وٺي ويا آهن، ٻي طرف بدين پوليس موجب فريادي راجيش ڪمار جي فرياد تي جوابدر ﷲ بخش کوسو، ديدار کوسو، مراد کوسو، حبيب ﷲ کوسو، ممتاز کوسو، متو کوسو،انور دستي، غلام ملاح ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف اهڙو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.