اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا رستا ڪالهه به بند رهيا، جاڙن شهرن ۾ انٽرنيٽ ٽئين ڏينهن به معطل رهي، ڪاروبار نه کليو، تعليم ادارا اڄ ٽئين ڏينهن به بند رکيا ويندا، جڏهن ته لاهور کان ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ رستا به بند ڪيا ويا، سکر- ملتان موٽر وي، جي ٽي روڊ به لاله موسيٰ، کاريان ۽ سراءِ عالمگير جي هنڌن تي بند رهيا.