اسلام آباد ۾ 3 يونيورسٽيون بند ڪيون ويون، شاگرد پريشان

0
120
اسلام آباد ۾ 3 يونيورسٽيون بند ڪيون ويون، شاگرد پريشان
اسلام آباد ۾ 3 يونيورسٽيون بند ڪيون ويون، شاگرد پريشان

اسلام آباد ۾ 3 يونيورسٽيون بند ڪيون ويون آهن، شاگرد پريشان ٿي ويا

 ذريعن موجب سيڪيورٽي ادارن پاران الرٽ جاري ڪرڻ بعد بحريه، ايئر ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي کي بند ڪيو ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته يونيورسٽيز جي بندش سبب شاگردن جا امتحان به متاثر، اسلام آباد ۾ بند ڪيل يونيورسٽيز سان واڳيل ٻيا تعليمي ادارا به بند ڪيا ويا

ذريعن موجب ٿريٽ الرٽ جاري ٿيڻ بعد گذريل رات اسلام آباد جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سرچ آپريشن به ڪيو ويو

اسلام آباد ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي: آءِ جي اسلام آباد

فائل فوٹو

ٻئي پاسي آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي، عوام افواهن تي ڌيان نه ڏئي

پنهنجي بيان ۾ آءِ جي اڪبر ناصر چيو ته شهر ۾ غير قانوني اجتماعن تي مڪمل طور پابندي آهي، حالتون اهڙيون نه آهن جو ڪنهن خوف سبب تعليمي ادارن يا زندگيءَ معمولات متاثر ٿين