اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ رڪاوٽون هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، سمورن ايندڙ ويندڙ رستن تان رڪاوٽون هٽايون ويون. فيض آباد واري هنڌ رکيل سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون ويون، فيض آباد جا سمورا بند بس ٽرمينل به کوليا ويا، 26 نمبر پوائنٽ ۽ سرينگر هاءِ وي کي به مڪمل طور کوليو ويو، 26 نمبر پل ۽ فتح جنگ روڊ تان به رڪاوٽون هٽايون ويون. پشاور روڊ ۽ سنگجاني ٽول پلازا، ڪٽي پهاڙي، مارگلا ايونيو، جي ٽي روڊ، ايران ايونيو، اي 11، پراڻي مارگلا روڊ، انٽرچينج تان سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون ويون. ڊي سي اسلام آباد عرفان ميمڻ جو چوڻ آهي ته سموري شهر مان ڪنٽينرز ۽ رڪاوٽون هٽائڻ وارو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، ضلعي انتظاميا روڊ بند ٿيڻ سبب پيش ايندڙ مشڪلاتن تي عوام کان معذرت خواهه آهي.