اسلام آباد ۾ ”مِني سنڌ” جوڙيندڙ سنڌي شاگرد تنظيمون

0
56
اسلام آباد ۾ ”مِني سنڌ” جوڙيندڙ سنڌي شاگرد تنظيمون

 راولپنڊي ۽ اسلام آباد، پاڪستاني اقتداري طاقت جو قبلو، راولپنڊي تقسيم ھند جي زخمن سان چچريل شھر آهي. چون ٿا ته ھي شھر ھڪ ھندو قوم پرست بادشاہ ڀاپا راول جي نالي پٺيان راولپنڊيءَ سڏيو ويو. ھن بادشاہ جي باري ۾ صحافي ۽ مصنف سجاد اظھر (جنھن جو راولپنڊيءَ ۽ اسلام آباد جي تاريخ تي مشتمل ڪتاب “راول راج” تازو ئي شايع ٿيو آھي) لکي ٿو ته ھي اھو بادشاہ ھو، جنھن ھندستان جي ننڍين ننڍين رياستن جي گڏيل فوج تشڪيل ڏني ۽ محمد بن قاسم کان بعد ايندڙ غيرملڪي حڪمرانن جي قنڌار ۽ ايران تائين پٺيان وڃي انھن کي ھندستان جي سرحدن کان پرتي ڪڍيائين. سجاد اظھر لکي ٿو ته ھي بادشاہ جڏھن ھندستان جي سرحدن کي محفوظ بڻائيندو واپس وريو ته ھن ھر سئو ميلن جي فاصلي تي ھڪ فوجي چوڪي قائم ڪئي. راجسٿان ۾ ننڍي شھزادي کي راول چئبو ھو. انھي لاءِ جڏھن ھو پيدا ٿيو، تڏھن ھن جو لقب راول ھو، اصل ۾ سندس نالو ڪالا ڀوج ھو، پر بعد ۾ راول جي نالي سان ئي سڃاتو ويو.

اسلام آباد جو پاڪستان جي گادي جي ھنڌ طور تعمير کان اڳ ھتي ڪيترائي ڳوٺ آباد ھئا. چون ٿا ته اسلام آباد جي تعمير جي ڪري تقريبن 85 ڳوٺ متاثر ٿيا. سجاد اظھر لکي ٿو ته 1944ع ۾ سرينگر کان واپسي تي ھڪ ريلي کي خطاب ڪندي جناح صاحب پاڪستان جي گادي جو ھنڌ مارگلا جي سرسبز پھاڙن ۾ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 1960ع ۾ صدر ايوب انھيءَ وقت جي شڪرپڙيان ڳوٺ کان ڪجھ فاصلي تي ڪيبنٽ اجلاس ۾ پاڪستان جو نئون گادي جو ھند اتي تعمير ڪرڻ جي منظوري ڏني. انھي جي ڪجھ ڏينھن کانپوءِ ھڪڙو تپيدار رياستي پروانو کڻي سالن کان آباد شڪرپڙيان ڳوٺ جي رھواسين کي لڏائڻ لاءِ اچي پھتو.

انھي وقت جي ڳوٺ شڪرپڙيان جي سر پنچ راجا الھداد خان جي حويلي لوڪ ورثه ۾ اڄ به پنھنجي اصل حالت ۾ برقرار آھي. شڪرپڙيان به انھن 85 ڳوٺن مان ھڪ ھو، جيڪي اسلام آباد جي تعمير جي ڪري متاثر ٿيا. انھن سڀن ڳوٺن جي ڪُل آباد تقريبن 50 ھزار جي لڳ ڀڳ ٻڌائي ٿي وڃي. سجاد اظھر لکي ٿو ته انھن 85 ڳوٺن جي 45 ھزار ايڪڙ زمين جڏھن سي ڊي اي (ڪيپيٽل ڊولپمنٽ اٿارٽي) کي ملي ته بدلي ۾ متاثرن ۾ انھي وقت 16 ڪروڙ روپيا ورھايا ويا. جڏھن ته انھن کي ملتان، ساھيوال، وھاڙي، جھنگ ۽ سنڌ جي گڊو بئراج تي تقريبن 90 ھزار ايڪڙ زمين پڻ الاٽ ڪئي وئي.

اسان وٽ اسلام آباد جو ھڪڙو تعارف اھو به آھي جيڪو امر جليل ڏنو، جتي ٻه سادن سنڌي ڳوٺاڻن کي بيروني ايجنٽ قرار ڏنو وڃي ٿو. ھڪ اھڙو اسلام آباد جتي اسلام کي ڳولڻ لاءِ ويل گلاب گونگي تي رياستي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ظلمن جي انتھا ڪري ٿا ڇڏين ۽ جوڳي روپوشي جي زندگي گذارندي، اسلام آباد جي راڪاس جھڙين راتين ۾ دربدر ٿئي ٿو. انھي اسلام آباد جي ھوائن ۾ اڄ “وٺي وٺي ھر ھر جنم وربو” جا گيت محو رقص آھن. سنڌ جي اجرڪ ھاڻي اتي ڪا اوپري شئي ناھي. ھاڻي اسلام آباد ۾ سنڌي ٽوپي انيڪ پيشانين تي تاج وانگي نروار آھي.

چون ٿا، جڏھن اسلام آباد جو منصوبو جوڙيو ويو، تڏھن جنرل ايوب خصوصن اھا ھدايت ڪئي ته يونيورسٽي شھر کان ٻاھر پري ھجڻ گھرجي. اھو چوڻ وارا انھي جو سبب اھو ٿا ٻڌائين ته انھي وقت ڪراچي ۾ شاگرد تنظيمن جي مزاحمت کان جنرل ايوب ڏاڍو بيزار ۽ خوفزدہ ھو. جنرل ايوب جي ھدايت تي تنھن وقت جي اسلام آباد يونيورسٽي (ھاڻوڪي قائداعظم يونيورسٽي) کي اسلام آباد شھر کان پري رکيو ويو. پر، اڄ جڏھن شاگرد يونين تي پابندين باوجود اسلام آباد ۾ جيڪڏھن ٿوري گھڻي شاگرد مزاحمت آھي ته اھا انھي يونيورسٽيءَ ۾ آھي ۽ انھيءَ مزاحمت جي سرواڻ آھي سنڌين جي “مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل”. مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل اسلام آباد ۾ سنڌي شاگردن جي تنظيمن ۾ سڀ کان پھرين تنظيم ٻڌائي ٿي وڃي، جيڪا 1983 ۾ قائم ڪئي وئي. اھو مھراڻ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي ئي جاکوڙ جو نتيجو آھي جو ھن وقت سنڌ جي ڪنھن گمنام ڳوٺ کان سوين ڪلوميٽر پري ويندڙ سنڌي شاگرد اسلام آباد خصوصن قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ پنھنجائپ محسوس ڪري ٿو، ھو ھاڻي اتي نڌڻڪو يا بي يارومددگار ناھي، ھاڻي ھو اتي سنڌي اجرڪ ڪلھن ۾ وجھڻ ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي رکڻ تي اڻڄاتل خوف جو شڪار نٿو ٿئي. ھاڻي، قائداعظم يونيورسٽيءَ جي عمارتن کان ٿيندو ايڊمن بلاڪ تائين وٺي “وٺي ھر ھر جنم وربو” جي صدا گونجي ٿي ۽ انھيءَ جو ڪريڊٽ قائداعظم يونيورسٽيءَ جي سنڌي نوجوانن ڏانھن ئي وڃي ٿو.

اسلام آباد جي ھڪ ٻي اھم يونيورسٽي نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز (نمل) آھي، جتي ملڪ توڙي دنيا ۾ ڳالھائي ويندڙ ڪيترين ئي ٻولين جا ڪورسز ڪرايا وڃن ٿا، سواءِ سنڌي جي. اھڙي تفاوت واري ماحول ۾ به نه صرف انھي يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ سنڌي شاگرد سنڌين جا ڀرجھلا ٿين ٿا،

پر اتي ھڪڙي ادارا نما تنظيم “سنڌي سنگت نمل” پڻ جوڙي ويٺا آھن، جنھن تحت سڀئي سنڌي منظم ۽ ھڪٻئي جي ھر ممڪن مدد پيا ڪن. ھنن نوجوانن ڏانھن وڌيڪ ڪريڊٽ انھي لاءِ به وڃي ٿو جو ھي ھڪڙي اھڙي گھٽ، ٻوسٽ ۽ پابندي واري ماحول جي باوجود سنڌين کي ھڪ پليٽفارم ھيٺ متحد ۽ منظم رکي ويٺا آھن،

جتي يونيورسٽي دفاعي اداري جي زير ڪنٽرول آھي ۽ اتي اھڙي ڪا به سرگرمي يونيورسٽي کان بيدخلي جو سبب بڻجي سگھي ٿي. اھي شاگرد پنھنجي محدود وسيلن باوجود اسلام آباد جي سنڌين خصوصن سنڌي شاگردن کي ھر ممڪن مدد لاءِ ھر وقت تيار رھن ٿا. ھڪ اھڙي يونيورسٽي، جتي ڪنھن به ثقافتي سرگرمي جو تصور ئي ممڪن ڪونه ھو، اتي ھاڻي ھو جمالو جي گونج تي رقص سنڌين جي مزاحمتي تاريخ جي ياد کي نئين سر جاڳائي ٿو ڇڏي.

2008ع ۾ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ٿيل مھراڻ اسٽوڊنٽس ايسوسيئشن انتھائي ڏکين حالتن کي منھن ڏيڻ باوجود ھن وقت تائين پنھنجي يونيورسٽيءَ سميت پوري اسلام آباد ۾ سنڌين ۽ سنڌ جي ھر مسئلي تي سرگرم ۽ اڳڀري رھندي پئي اچي.

سنڌي شاگردن جي رھنمائي ۽ اتي سنڌي ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي پاداش ۾ انھي تنظيم جي سرگرم شاگردن تي ڪيترائي ڀيرا حملا پڻ ٿي چڪا آھن. گذريل سال، جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ اسلامي جميعت طلباء پاران اسلامڪ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگردن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ويو ۽ يونيورسٽيءَ ۾ تنظيم کي ختم ڪرڻ جا جتن ڪيا ويا. پر،

انھيءَ باوجود پوري اسلام آباد جي سنڌي شاگرد خصوصن مھراڻ اسٽوڊنٽس ايسوسيئشن جا شاگرد مزاحمت ڪري بيھي رھيا. ستم ظريفي اھا جو جنھن وقت، اسلام آباد ۾ سنڌي شاگردن تي تشدد ٿي رھيو ھو، انھيءَ وقت اسلام آباد ۾ ويٺل سنڌ جي چونڊيل نمائندن پاران پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ ته پري جي ڳالھ، پر انھي خلاف مذمتي بيان به ٻڌڻ لاءِ ڪونه مليو. اسلامڪ يونيورسٽيءَ ۾ ھاڻي سنڌي مچ ڪچھريون منعقد ٿي رھيون آھن ته انھي ۾ ڪمال يقينن اتي جي سنڌي شاگردن جو ئي آھي.

جيڪڏھن اسلام آباد ۾ ماما جمن دربدر جي پنھنجي ڌرتي لاءِ اڪير مان “وٺي ھر ھر جنم وربو” جي صدا جو تسلسل ملي ٿو. جيڪڏھن ملڪ جي راجڌاني ۾ ھو جمالو تي رقص ٿئي ٿو، جيڪڏھن مھراڻ جا نعرا گونجن ٿا ته انھي جي ڪريڊٽ گڏيل شھرن ۾ سنڌي جي مستقبل جا سپنا اڻندڙن ۽ اتي “مِني سنڌ” وسائي ويٺلن سنڌي شاگردن ڏانھن وڃي ٿو، جن اتي سنڌي جي تاريخ، ثقافت ۽ مان مريادا کي رڳو ڊائيس تي جوشيلون تقريرون ڪرڻ ۽ وڏا وڏا نعرا ھڻڻ جي حد تائين نه، بلڪه سنڌين کي تنظيمي شڪل ڏيئي ڪري عملي طور وڌائي ويجھائي ويٺا آھن.