اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير جي هدايتن تي اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا اسلام آباد ۾ روزي جي مهيني دوران سستي اگهه تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا. ضلعي انتظاميا جي وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙن خلاف ڪارروائين جو سلسلو روزاني جي بنياد تي جاري آهي. ناجائز منافي خوري خلاف ڪيتريون ئي ڪاروايون عمل ۾ آڻيندي 117 ڄڻن، جڏهن ته بري امام بازار مان 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. سرڪاري قيمتن جي ڀڃڪڙي تي لڳ ڀڳ 175000 رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. سخت نگراني ۽ جامع منصوبابندي تحت سستي بازارن ۾ گيهه 30 کان 40 رپيا سستو وڪرو ٿي رهيو آهي. رمضان المبارڪ ۾ مرغي جي قيمت ۾ 20 رپيا في ڪلو ۽ آنن جي قيمت ۾ 12 رپيا في درجن جي گهٽتائي ڪئي وئي.