اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني ۾ ماني جي قيتمن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو. ضلعي انتظاميا اسلام آباد ۾ 16 روپيا ماني جو نوٽيفڪيشن واپس وٺندي نان ۽ مانيءَ جون پراڻيون قيمتون بحال ڪري ڇڏيون آهن. ضلعي انتظاميا اهڙي آگاهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ڏئي ڇڏي آهي. عدالت ضلعي انتظاميا پاران نان ۽ ماني جون قيمتون واپس وٺڻ واري نوٽيفڪيشن بعد ڪيس اُڪلائي ڇڏيو. جسٽس طارق محمود جهانگيري نان وڪرو ڪندڙن جي ويلفيئر ايسوسئيشن جي صدر جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار جي وڪيل عمران گيلاني جو معاون عدالت ۾ پيش ٿيو. ڊسٽرڪٽ انتظاميا جو نمائندو به عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت ضلعي انتظاميا پاران نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ تي ڪيس کي اُڪلائي ڇڏيو. نان وڪرو ڪندڙن جي ايسوسئيشن جي صدر سجاد احمد ڊپٽي ڪمشنر جي نان ۽ ماني جا اگهه گهٽ ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو هو.