ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) اسلام آباد ۾ فائرنگ دوران غوثپور واسي پي آءِ اي جو رٽائرڊ جنرل مئنيجر قتل ٿي ويو، هٿياربند جي فائرنگ ۾ ڳوٺ واحد بخش بجاراڻي جو رهواسي پي آءِ اي جو رٽائرڊ جنرل مئنيجر ذوالفقار علي بجاراڻي قتل ٿي ويو، ان ڏس ۾ سندس ويجھي عزيز ظريت بجاراڻي جو چوڻ هو ته ذوالفقار بجاراڻي کي اسلام آباد جي رهائشي قتل ڪيو آهي، ظريت بجاراڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ذوالفقار بجاراڻي کي قتل ڪندڙ شخص پنجابي آهي، وڌيڪ معلومات پوليس ڏيندي. ٻڌايو پيو وڃي ته پي آءِ اي آفيسر ذوالفقار بجاراڻي اڳوڻي سپريم ڪورٽ جي وڪيل مرحوم عبدالحڪيم خان بجاراڻي جو پٽ هو، آفيسر جو مڙهه اباڻي ڳوٺ واحد بخش خان بجاراڻي ۾ آندو ويندو، جڏهن ته سندس تڏو غوثپور ويجهو ڳوٺ راجا خان بجاراڻي ۾ رکيو ويو آهي.ٻي طرف پي آءِ اي آفيسر ذوالفقار علي بجاراڻي جو قتل ڪيس شهزادو لاشاري جي فرياد تي ناصر اعواڻ خلاف اسلام آباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جي رهواسي شهزادو لاشاري جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته ذوالفقار علي بجاراڻي ۽ ناصر اعواڻ وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي، جنهن تان جهيڙو ٿيو، شهزادو لاشاري موجب تلخ ڪلامي بعد ناصر اعواڻ پسٽل جو فائر ڪري ذوالفقار علي بجاراڻي کي قتل ڪيو، اسلام آباد پوليس جوابدار ناصر اعواڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڄاڻ موجب ذوالفقار علي بجاراڻي 2 سال اڳ جنرل مئنيجر پي آءِ اي جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو هو، ذوالفقار علي بجاراڻي لنڊن ۾ رهندو هو، اسلام آباد گذريل هفتي آيو هو، جيڪو اسلام آباد ۾ ترسيل هو، ويجھي رشتيدارن موجب ذوالفقار علي بجاراڻي پنهنجي فيملي سميت رٽائرمينٽ بعد لنڊن شفٽ ٿي ويو هو، پي آءِ اي رٽائرڊ آفيسر ذوالفقار بجاراڻي جي وني لنڊن جي رهائشي آهي، جڏهن ذوالفقار علي بجاراڻي کي پٽ جي اولاد ناهي، سندس 2 ڌيئرون آهن.