اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف زرداري وفاقي راڄڌاني ۾ جلسن جلوسن کي ريگيوليٽ ڪرڻ متعلق بل تي صحيع ڪري ڇڏي. صدر جي دستخط سان بل قانون بڻجي ويو ۽ فوري طور تي لاڳو ٿيندو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ گزٽ نوٽيفڪيشن جي ڪاپي موڪلي ڇڏي. قانون کي پرامن اجتماع ۽ امن امان جو نالو ڏنو ويو آهي. ايڪٽ ۾ چيو ويو آهي ته جلسي جو ڪوآرڊينيٽر 7 ڏينهن اڳ اجلاس منعقد ڪرڻ جي اجازت لاءِ ضلعي مئجسٽريٽ کي لکت ۾ درخواست جمع ڪرائيندو، جلسي جي اجازت ڏيڻ کان اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان سيڪيورٽي رپورٽ ورتي ويندي. ريڊ زون ۽ هاءِ سڪيورٽي زون ۾ جلسي تي پابندي هوندي. غير قانوني جلسي جي ميمبرن کي بغير اجازت جي گرفتار ۽ نظربند ڪري سگھجي ٿو. ان قانون جي ڀڃڪڙي تي ٽن سالن تائين جي سزا ۽ ڏنڊ وڌو ويندو. هن قانون موجب عدالت طرفان ٽن سالن تائين سزا ٻڌايل شخص جيڪڏهن ٻيهر ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته کيس ڏهن سالن تائين قيد ٿي سگهي ٿو.