اسلام آباد/فيصل آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته هڪ صوبي ۾ حڪومت ڪندڙ پارٽي هر هر وفاق تي حملو ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ ملڪ ۾ نفرت ۽ ڏڦيڙ جي سياست کي هٿي وٺرائي آهي، پُرتشدد احتجاج، هنگامي ۽ ڀڃ ڊاهه پي ٽي آءِ جو وڙُ آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي بحران جا ذميوار اسان نه، پر پي ٽي آءِ آهي، ملڪ ۾ نفرت جي سياست کي ختم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي ڊي چوڪ تي ڪارڪنن کي بي يارو مددگار ڇڏيو هو، ڪوڙ ۽ مَڪاري واري سياست جو انجام اهڙو ئي ٿيندو آهي، فيصل آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب جي عوام کي ڏڦيڙ ۽ گارگند واري سياست نٿي وڻي، اُنڪري پي ٽي آءِ پنجاب ۾ 10 ماڻهو به گڏ نه ڪري سگهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير عطاء تارڙ چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جيتريون به ٻٽاڪون هڻي، پر سندس هر ڪال ناڪام ٿيندي، اسلام آباد ۾ بشريٰ بي بي ڪارڪنن کان گنڊاپور تي پٿراءُ ڪرايو هو، پي ٽي آءِ جي ايندڙ ڪال جو انتظار ڪري رهيا آهيون، فائنل ڪال جيان هن دفعي به هو ناڪام ٿيندا. هن چيو ته عسڪري شين جو بائڪاٽ ڪرڻو آهي ته پهريان پي ٽي آءِ جو بائڪاٽ ڪريو، گنڊاپور ناڪام وڏو وزير آهي. گنڊاپور ۾ ايندڙ ڪال ڏيڻ جي همٿ ناهي، ڪجهه نه ڪري سگهندا.