اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گهرو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني اسلام آباد ۾ هٿياربندن هٿان هيڊ ڪانسٽيبل محمد اشرف ۽ سندس پٽ جي شهادت واري واقعي جو نوٽيس ورتو، گهرو سيڪريٽري آءِ جي اسلام آباد کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. اسلام آباد ۾ امن امان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ ۾ شهرين جي تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ جون به گهرو سيڪريٽري آءِ  جي اسلام آباد کي هدايتون جاري ڪيون آهن، هوڏانهن پوليس اهلڪار ۽ پٽ جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو.