پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هڪ دفعو ٻيهر اسلام آباد ڏانهن ڪاهه جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته هاڻي گولي جو جواب گولي سان ڏينداسين، هاڻي گولي هلي ته گولي انهن کي به کائڻي پوندي. اسان رڳو گولي نه هلائينداسين پر انهن کي ٺوڪينداسين به، جلسي کي خطاب ڪندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هٿياربند ٿي اسلام آباد ويندا، هن ڪارڪنن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪي پي جو عوام تيار رهي جيڪڏهن اسان تي گولي هلي ته پوءِ انهن کي به گولي کائڻي پوندي.