سکر (بيورو رپورٽ) اسلام آباد کان سکر ايندڙ عورتون هٿياربندن هٿان ڦرجي ويون. هٿيارن جي زور تي سونا زيور، 24 هزار رپيا موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اِن ڏس ڻ مليل ڄاڻ موجب سکر ٽول پلازه جي ڪجهه مفاصلي تي قائم اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچن جي اسٽاپ تي لهي رڪشا جو انتظار ڪندڙ ٻن عورتن (س ۽ ن) کان موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن پرس، 24 هزار رپيا روڪ رقم، ٻه سونيون منڊيون ۽ هڪ سونو ڪنگڻ هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. متاثر عورتون اسلام آباد سکر پهتيون. ڪوچن جي اسٽاپ کان سکر لاءِ رڪشا جي انتظار دوران اُنهن کان هٿياربندن ڦر ڪئي. مليل ڄاڻ موجب اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي. جنهن کي متاثر عورتن پاران واردات متعلق آگاهه ڪيو ويو.