اسلام آباد پوليس پاران پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز خلاف ڪريڪ ڊائون دوران وڌيڪ گرفتاريون
پي ٽي آءِ جو ايم اين اي زين قريشي، شيخ وقاص اڪرم ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو سربراهه صاحبزاده حامد رضا به گرفتار، ايم اين اي نسيم الرحمان ۽ شاهه احمد خٽڪ به گرفتار
پوليس ذريعن موجب ايم اين اي عمر ايوب، زرتاج گل ۽ عامر ڊوگر کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، گذريل رات پوليس پارليامينٽ هائوس ٻاهران بئريسٽر گوهر، شير افضل مروت ۽ شعيب شاهين کي گرفتار ڪيو هو
پي ٽي آءِ اڳواڻ اجلاسن ۾ شرڪت بعد پارليامينٽ هائوس کان ٻاهر وڃي رهيا هئا ته کين گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گُل پوليس کي ڏسي فرار ٿي وئي
پوليس ڊي چوڪ، نادرا چوڪ، سيرينا ۽ ميريٽ وٽ ريڊ زون کي سيل ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب پي ٽي آءِ اڳواڻن کي جلسي جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ پوليس مٿان پٿراءُ تي گرفتار ڪيو پيو وڃي
پي ٽي آءِ پاران گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو ويو آهي ته اڄ تاريخ جو هڪ وڌيڪ ڪارو ڏينهن آهي، ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته “جمهوريت بهترين انتقام هي” ۽ “ووٽ ڪو عزت دو” چوندڙ پارٽيون غير جمهوري قوتن جي جهولي ۾ ويهي جمهوريت جو جنازو ڪڍي رهيون آهن