راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) اسلام آباد يونائيٽيڊ جي آل رائونڊر سلمان علي آغا چيو آهي ته نوجوان رانديگر گهٽ تجربي سبب غلطي ڪري ويهندا آهن. صحافين سان ڳالهائيندي سلمان علي آغا چيو ته اسان وٽ اهڙا رانديگر آهن، جيڪي ماڊرن ڊي ڪرڪيٽ کيڏي سگهن ٿا، اميد ته اڳتي اسان اهڙي ئي ڪرڪيٽ کيڏنداسين، جهڙي ماڻهو ڏسڻ چاهين ٿا. هن چيو ته بيٽر توهان کي ميچ ۽ بالر توهان کي ٽورنامينٽ کٽرائي سگهن ٿا، منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيان، ڪوشش هوندي ته اسلام آباد يونائيٽيڊ کي چوٿين ٽرافي کٽرايان. سندس چوڻ هو ته حسن علي ۽ صاحبزادا فرحان ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جي ڪم اچي سگهن ٿا.