حب (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسلام آباد وارا ملڪ جا مسئلا سمجهڻ لاءِ تيار ناهن، حل اصل جمهوري قوتن وٽ آهي. جيڪي هٿيار کڻندا آهن، انهن کي سمجهايو ته توهان جي بقا جمهوريت ۾ آهي. بلوچستان جي شهر حب ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته حب ڪراچي کان هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي آهي، حب ۾ به اسپتال هجڻ گهرجي، پاڻي جي سهولت ۽ يونيورسٽيون هجڻ گهرجن، حب کي به ڪراچي جهڙو هجڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪي هٿيار کڻندا آهن ۽ ڀٽڪيل آهن، انهن دوستن کي سمجهايو ته توهان جي بقا جمهوريت ۾ آهي، اسلام آباد وارا پاڪستان کي سمجهڻ لاءِ تيار ناهن، هر ڪو سمجهي ٿو ته اهو ملڪ جي مسئلن جو حل ڄاڻي ٿو پر پاڪستان جي مسئلن جو حل رڳو سياسي قوتون ڄاڻين ٿيون. سندس چوڻ هو ته مون ماڻهن کي جيلن مان ڇڏايو ۽ ڪوشش ڪئي ته اهي اسان سان دوستي ڪن ۽ پاڪستان کي پنهنجو ملڪ سمجهي واپس اچن ۽ آئون سمجهان ٿو ته اڄ به ان تي ڪم ڪرڻ ۽ دوستن کي واپس آڻڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت به ملڪ ۾ بهترين جمهوريت نه آهي پر اها آهستي آهستي ئي بهتر ٿيندي.  هن چيو ته اسلام آباد وارن وٽ مسئلن جو حل ناهي، هنن جيڪي جماعتون ٺاهيون ۽ جيڪي ٺاهڻ وڃي رهيا آهن، اهي پاڪستان جي مسئلن کي نٿيون سمجھن، ڀلي آزمائي ڏسي وٺو.