اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس لاءِ پيش ٿيندڙ وڪيلن لاءِ گائون پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، سينئر وڪيل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل بنا گائون جي روسٽرم تي پهتا، چيف جسٽس عامر فاروق کين مخاطب ٿيندي چيو ته معذرت سان اوهان کي هاءِ ڪورٽ جي حڪم جو پتو ناهي، ٻئي بنا گائون جي بيٺل آهيو؟ وڪيلن معذرت ڪندي چيو ته اڳتي گائون پائي عدالت ۾ پيش ٿينداسين، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 15 نومبر کان عدالت ۾ پيش ٿيڻ تي گائون لازمي قرار ڏنو، چيف جسٽس چيو ته پاڻ به عمل ڪريو ۽ جن نوٽيفڪيشن ناهي ڏٺو انهن کي به آگاهه ڪريو.