اسلام آباد(بيورو پورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سول ڪورٽس جي فيصلن خلاف داخل اپيلن کي ضلعي عدالتن ڏانهن واپس موڪلڻ وارو معاملو نئون عدالتي تڪرار بڻجي ويو آهي. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ان عمل تي سخت اعتراض اُٿاريندي ايڊيشنل رجسٽرار اعجاز احمد کي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران جسٽس سردار اعجاز پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙن بنيادن تي ٻن ايڊيشنل ججن جا ڪيس ضلعي عدالتن ڏانهن واپس موڪليا ويا. هن چيو ته 2023ع جي فُل ڪورٽ ميٽنگ ۾ اهڙي نوعيت جي اپيلن کي واپس موڪلڻ جو ڪو باضابطه فيصلو نه ٿيو هو، صرف مشاورت ڪئي وئي هئي، ايڊيشنل رجسٽرار اعجاز احمد موقف اختيار ڪيو ته هن صرف چيف جسٽس ڏانهن نوٽ موڪليو هو، جنهن کان پوءِ هڪ ڊويزن بئنچ جوڙي وئي ۽ ان بئنچ ئي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ اپيلون ضلعي عدالتن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جسٽس اعجاز اسحاق ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته ٻن جونيئر ججن جو بئنچ ٺاهي، سڀ ڪيس ضلعي عدالتن ڏانهن واپس موڪليا ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي ڪيسن جي 80 سيڪڙو ٻڌڻي مڪمل ٿي چڪي هئي، هن وڌيڪ چيو ته هن عمل سان درخواست گذارن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ضلعي عدالتن ۾ انهن ڪيسن جي ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪرڻي پوندي، هن نشاندهي ڪئي ته جن ججن وٽ اهي اپيلون ٻڌڻي هيٺ هيون، انهن کان به هن معاملي تي ڪا راءِ نه ورتي وئي، جيڪو عدالتي عمل جي شفافيت تي سواليه نشان آهي. عدالت وڌيڪ قانوني معاونت طلب ڪندي ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.