اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججز جي بدلي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي. درخواستن ۾ ججز ٽرانسفر نوٽيفڪيشن کي غيرآئيني قرار ڏيڻ ۽ ڪالعدم ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججز جي بدلي خلاف آئين جي آرٽيڪل 184(3) جي تحت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته آئِين صدر کي ججز جي بدلي ۽ غير محدود اختيار جي تقسيم جي اصولي جي خلاف آهي. درخواستگذار چيو آهي ته صدر جي آرٽيڪل 200(1) تحت حاصل اختيارن کي آئين جي آرٽيڪل 175 اَي سان پڙهيو وڃڻ گهرجي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ججز جي بدلي جو نوٽيفڪيشن غير آئيني ۽ غيرقانوني آهي ۽  درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بدلي ڪيل ججز کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج نٿو سمجهي سگهجي، ۽ انهن کي ٻيهر بطور جج حلف کڻڻو پوندو. درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کان ججز جي بدلي واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ ان وقت جي چيف جسٽس عامر فاروق جي انٽرا ڪورٽ ڊپارٽمينٽل ريپريزينٽيشن جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين سينارٽي لسٽ کي غير آئيني قرار ڏيڻ ۽ وقتي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي مقرري جي حوالي سان به نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. ڄاڻايل درخواست ايڊووڪيٽ فيصل صديقي ذريعي داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ صدر، وفاق، رجسٽرار سپريم ڪورٽ، رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ، اسلام آباد، سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ٿيندڙ ۽ متاثر ججز کي به ڌر بڻايو ويو آهي.