اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي احتجاج کان روڪي ڇڏيو، ڳالهين لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جو حڪم، حڪومت چيو آهي ته اسلام آباد تي چڙهائي جي سازش ناڪام ٿي وئي. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪرائڻ واري واپارين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي عدالت ۾ چيو ته 24 نومبر تي بيلاروس جو هڪ وفد اچي رهيو آهي، اڄ ڪُرم ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ 38 ڄڻا شهيد ٿيا، جنهن کي احتجاج ڪرڻو آهي پنهنجي علائقن ۾ ڪريو، اها ڪهڙي ڳالهه آهي جو اسلام آباد ۾ ئي احتجاج ڪرڻو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته واپاري عدالت آيا آهن ته سندن ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي، ڪنٽينرز رکي رستا يا انٽرنيٽ بند ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي، محسن نقوي چيو ته آئون پاڻ به ڪنٽينرز رکڻ جي خلاف آهيان، هُنن رڳو احتجاج جو اعلان ڪيو آهي پر کين هتي چڙهائي ڪرڻي آهي، ٻارن جا اسڪول بند ۽ ڪاروبار تباهه ٿيندا آهن، ضلعي انتظاميا کي هيل تائين ڪابه درخواست نه ملي آهي، چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته درخواست تي هڪ آرڊر جاري ڪنداسين، تاجر يونين پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو ته اسلام آباد ۾ احتجاج جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، امن امان قائم رکڻ لاءِ اسلام آباد انتظاميا قانون موجب سمورا قدم کڻي، انتظاميا جي ذميواري آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي ٿيڻ نه ڏئي، اهو يقيني بڻايو وڃي ته عام شهرين جي ڪاروباري زندگي ۾ ڪو به رخنو نه پوي، پرامن احتجاج، ريلي، جلسي بابت قانون موجود آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو آهي ته مناسب هوندو ته حڪومت گهرو وزير يا ڪنهن ٻئي شخص جي سربراهيءَ ۾ ڪاميٽي جوڙي. حڪومت پاران ٺاهيل ڪاميٽي پي ٽي آءِ قيادت کي انگيج ڪري. ڪاميٽي پي ٽي آءِ قيادت کي بيلاروس صدر جي دوري دوران حساس صورتحال کان آگاهه ڪري. چيف ڪمشنر اسلام آباد کي به ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. عدالت کي يقين آهي ته جڏهن هي رابطا ٿيندا ته ڪجهه اڳڀرائي ٿيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي احتجاج، ريليون ۽ ڌرڻا نه ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جيڪڏهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته ڌرين کي امن امان جي صورتحال يقيني بڻائڻ گهرجي. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪارروائي ۾ پي ٽي آءِ طرفان ڪو به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، اميد آهي ته پي ٽي آءِ گهرو وزير پاران سامهون رکيل ڳالهين تي غور ڪندي، اميد آهي ته پي ٽي آءِ قيادت قائم ڪيل ڪاميٽي سان بامقصد ڳالهه ٻولهه ڪندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کان 27 نومبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. هوڏانهن وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته اسلام آباد تي چڙهائي ڪندڙن جي سازش ناڪام ٿي وئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد هر ريلي ۽ جلسو غيرقانوني هوندو، قانون حرڪت ۾ ايندو، ناجائز سرگرمين ۾ ملوث آفيسرن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
آڇ ٿي ته احتجاج ملتوي ڪريو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، حڪومتي نيت جي خبر پئجي وئي: عمران
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته حڪومت جي نيت جي خبر پئجي وئي، سمورن اهم ڪيسز ۾ ضمانت باوجود آزاد نه ڪيو ويو، 24 نومبر تي احتجاج ٿيندو ۽ ڳالهيون به جاري رهنديون، پي ٽي آءِ اڳواڻن موجب اڊيالا جيل ۾ باني چيو ته واضح ٿي ويو کيس 24 نومبر کان اڳ آزاد نه ڪيو ويندو، هُو رڳو احتجاج ملتوي ڪرائڻ گهرن ٿا، جيڪڏهن ڳالهين ۾ سنجيده آهن ته اسان جي ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف باني عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته علي امين گنڊاپور ۽ بئرسٽر گوهر ذريعي آڇ ٿي ته احتجاج ملتوي ڪيو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، مان پنهنجي ۽ ٻين ماڻهن جي آزادي جو مطالبو ڪيو هو پر ائين نه ٿيو، اهي سنجيده ناهن، رڳو احتجاج ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا. عمران چيو ته جيل ۾ هوندي مون تي ڪيسن مٿان ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، ان کي بنانا ريپبلڪ چوندا آهن. سندس چوڻ هو ته وڪيلن، ججن، مزدورن، سول سوسائٽي سڀني کي پيغام ڏئي رهيو آهيان ته 24 نومبر تي نڪرو.
ڊيل جون صدائون اچي رهيون آهن، ڌمڪين سان ڳالهيون ناهن ٿينديون: حڪومت
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير پي ٽي آءِ باني سان ڳالهين جي ترديد ڪري ڇڏي، محسن نقوي چيو آهي ته ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين، ڌمڪين سان ڳالهيون نه ٿينديون آهن، ڪنهن کي به جلسي ۽ جلوس جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، جيڪو به ڊي چوڪ ايندو، اُن کي گرفتار ڪيو ويندو، ائين نٿو ٿي سگهي ته ڌمڪيون ڏيو ۽ پوءِ چئو ته ڳالهيون ڪريو،هن چيو ته هو چون ٿا احتجاج ڪندا ۽ اسان جي ماڻهن کي ڏنڊا هڻندا ته ائين نه ٿيندو، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته وٽس ڪنهن کي به آزاد ڪرڻ جا اختيار نه آهن، عدالتن کي ئي ڪيسز تي فيصلو ڪرڻو آهي، پي ٽي آءِ وارا عدالتن سان ڳالهيون ڪن، اُتي سندن ڪيس هلندڙ آهن. هن چيو ته بيلاروس جو 65 رڪني وفد 24 نومبر تي ۽ صدر 25 نومبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي، شهر ۾ ڪنٽينر لڳائي رهيا آهيون، ڇو ته شهرين جو تحفظ اسان جي ترجيح آهي. هوڏانهن وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته جيڪو چوندو هو ته ڊيل نه ڪندس اهو هاڻ ڊيل ڪريو، ڊيل ڪريو جون صدائون ڏئي رهيو آهي، جيل مان آزاد ڪريو ته احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيندس جو بيان گهٻراهٽ جو اعتراف آهي، هن چيو ته ثابت ٿيو ويو ته انتشار جي ڪال جو مقصد ڊيل لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي، هنن سان ڊيل صرف قانون ڪندو جنهن جا هي ڏوهي آهن. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته علي امين عمران خان جو خودڪش بمبار نه بڻجي، پي ٽي آءِ جي 13هين ”فائنل ڪال“ به مس ڪال ثابت ٿيندي. عمران خان پارٽي جي واڳ پنهنجي زال ۽ ڀيڻ کي ڏئي انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، عمران خان اهو ئي ڪيو جنهن خلاف هو ڳالهائيندو هو. هن چيو ته سياست مان دهشتگردي جو انجام به دهشتگردي وارو ٿيندو، 24 نومبر تي ڊي چوڪ تي اچڻ جو سڏ فتنو ۽ فساد جو سڏ آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ ڊيل لاءِ 24 نومبر جو احتجاج ڪال ڪارڊ استعمال ڪري رهي آهي.
عمران پيرين اگهاڙي مديني ويو، واپسي تي باجوه کي فونز آيون ڪنهن کي وٺي آيا آهيو: بشريٰ
پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي چيو آهي ته 24 نومبر تي پاڪستان جو هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو احتجاج ۾ حصو وٺندو، هي رڳو عمران خان جي جنگ ناهي پر ملڪ لاءِ حقيقي آزادي جي جنگ آهي، پنهنجي پهرين وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پوري ملڪ جو عوام نڪرندو ته ڪاميابي اسان جو مقدر بڻجندي، ادارن کي ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته باني پي ٽي آءِ طاقت ۾ اچي ڪنهن کان به بدلو وٺڻ جي خواهش نٿو رکي، جيل ۾ هن سکيو آهي ته طاقت ۾ اچي ڪري معافي جا در کليل رهندا. عمران جي گهرواري وڌيڪ چيو ته اسين ورڪرز کي جهاد جا نعرا هڻڻ جو نه چيو هو، جهاد جو نعرو ڪارڪنن جي دلين مان پاڻ نڪري ٿو. بشريٰ بي بي چيو ته عمران خان جڏهن پيرين اگهاڙي مديني ويو ته واپسي تي جنرل (ر) باجوه کي فون ڪالز اچڻ شروع ٿيون ۽ چيو ويو ته ڇا کڻي آيا آهيو؟ ڪنهن کي وٺي آيا آهيو؟ اسين هن ملڪ ۾ شريعت جو نظام ختم ڪرڻ لڳا آهيون ته توهان شريعت جا ٺيڪيدار کڻي آيا آهيو. ان کانپوءِ عمران کي يهودين جو ايجنٽ چوڻ شروع ڪيو ويو. اهي ڳالهيون باني پي ٽي آءِ ڪڏهن به سرعام ناهن ڪيون. جيڪڏهن اهي ڳالهيون غلط آهن ته اڳوڻي آرمي چيف ۽ ان جي خاندان کان پڇيو وڃي، ڇاڪاڻ جو باني پي ٽي آءِ کي اهي ڳالهيون ڪنهن ٻڌايون هيون. بشريٰ چيو ته پي ٽي آءِ باني جو حڪم آهي سڀ 24 نومبر واري احتجاج جو حصو بڻجن، ڪنهن به صورت احتجاج جي تاريخ تبديل نه ٿيندي، باني پي ٽي آءِ جيستائين اعلان نٿو ڪري، احتجاج ملتوي نه ٿيندو
بشريٰ جو بيان ڪوڙو قرار، ڪي به فون ڪالز نه آيون: باجوه
ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بشريٰ بي بي جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز موجب جنرل باجوه جي ويجهن ذريعن کان ردعمل سامهون آيو آهي جن جو چوڻ آهي ته بشريٰ جو بيان ڪوڙو آهي، ڪعبت الله وڃي اها ڳالهه چوڻ لاءِ تيار آهيان ته بشريٰ جو بيان ڪوڙ آهي، سعودي تي سنجيده الزام هنيو ويو آهي. سعودي دوري بعد باجوه کي ڪي به فون ڪالز نه آيون هيون، بشريٰ بي بي سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ به حڪمت عملي جوڙي ورتي، “جهادي” اسڪواڊ تيار
پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف 24 نومبر واري اعلانيل احتجاج لاءِ خاص اسڪواڊ تيار ڪري ورتي. ذريعنموجب، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، پي ٽي آءِ پشاور جي اجلاس ۾ اسڪواڊ کي جهادي قرار ڏنو ، اسڪواڊ ۾ پي ٽي آءِ يوٿ ونگ جا نوَ هزار ڪارڪن شامل هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير مينا خان، خاص مددگار سهيل آفريدي اسڪواڊ جي قيادت ڪندا. ذريعن موجب، خاص اسڪواڊ مرڪزي قافلي جي اڳيان هوندو، اسڪواڊ کي شيلنگ کان بچاءَ جو سامان ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪي پي حڪومت جي خاص مددگار سهيل آفريدي ٻڌايو ته جهادي اسڪواڊ جو مطلب آهي ته هو ظلم خلاف آواز اُٿارڻ کي جهاد سمجهن ٿا ۽ جان جي پراوهه ڪرڻ بنا مظاهري ۾ موجود رهندا
جنرل عاصم گنڊاپور کي چيو انتشار جي اجازت نه ڏبي: خواجه آصف
اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي هينئر رليف ملڻ مُشڪل آهي، في الحال سندس آزادي جا ڪي به امڪان نه آهن، پي ٽي آءِ ننهن چوٽي جو زور ڏئي رهي آهي ته 24 نومبر تي احتجاج نه ڪرڻو پوي، هن چيو ته علي امين گنڊاپور پهرئين ڏينهن کان حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان رابطن ۾ آهي، احتجاج ۾ اڃا 2 ڏينهن آهن، گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، جلسي جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي، پر وفاق تي حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، پي ٽي آءِ هاڻي ڀڄڻ جا گَسُ ڳولهي رهي آهي. نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ايپڪس ڪاميٽي ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير علي امين گنڊاپور کي چيو ته تحريڪ عدم اعتماد کانپوءِ باني پي ٽي آءِ جيترا به جلسا ڪيا ان کي اجازت ڏني وئي پر انتشار جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، احتجاج ۽ تشدد ۾ فرق معلوم آهي.
باني جي آزادي کانپوءِ ئي ڳالهيون ٿينديون: گنڊاپور
پشاور (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپر چيو آهي ته احتجاج جي حوالي سان حڪومت سان ڳالهيون ناهن ٿي رهيون، عمران جي آزادي کانپوءِ ئي ڳالهيون ٿينديون. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته احتجاج ٿي رهيو آهي ۽ اهو هر صورت ۾ ٿيندو، 24 نومبر تي هر صورت ۾ اسلام آباد وينداسين، رڪاوٽون وڌيون ويون ته اسان کي به منهن ڏيڻ اچي ٿو.
بشريٰ بي بي دوست ملڪ تي غليظ الزام هنيو آهي: عطا تارڙ
اسلام آباد (م ڊ) وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته بشريٰ بي بي جنهن ملڪ تي الزام هنيو اتي ڌيءُ جي شادي ڪئي، بشريٰ جو بيان افسوسناڪ آهي، هي گهٽ پڙهيل لکيل آهي، انتهائي غليظ الزام هنيو ويو آهي، سعودي عرب پاڪستان جو دوست آهي، سدائين سهڪار ڪيو آهي، هي پنهنجي سياست لاءِ ملڪي لاڳاپا خراب ڪري رهيا آهن، هي پاڪستان خلاف سوچيل سمجهيل سازش آهي.