اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سي ڊي اي کي ختم ڪري ڇڏيو، ايس آر او تحت سمورا قدم غيرقانوني قرار

0
18
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سي ڊي اي کي ختم ڪري ڇڏيو، ايس آر او تحت سمورا قدم غيرقانوني قرار
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سي ڊي اي کي ختم ڪري ڇڏيو، ايس آر او تحت سمورا قدم غيرقانوني قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سي ڊي اي کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايس آر او جي تحت سي ڊي اي جا سمورا قدم غيرقانوني قرار ڏنا وڃن ٿا، سي ڊي اي ايس آر او جي تحت ڪنهن کان ڪا رقم ورتي آهي ته واپس ڪري، سي ڊي اي ٽوڙي سمورا اختيار ۽ اثاثا ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي منتقل ڪيا وڃن، حڪومت سي ڊي اي کي ٽوڙڻ جو عمل شروع ۽ مڪمل ڪري.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني هي فيصلو نجي هائوسنگ سوسائٽي ۽ ان جي رهواسين طرفان داخل ڪيل درخواستن تي جاري ڪيو. لکت ۾ جاري ڪيل عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته سي ڊي اي پاران رائيٽ آف وي ۽ ايڪسيز چارجز بابت 9 جون 2015ع جو جاري ڪيل ايس آر او ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اسلام آباد جي سموري انتظامي، ريگيوليٽري ۽ ميونسپل ڍانچي جو ڪم لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت هلندو آهي، جيڪو چونڊيل نمائندن ذريعي گورننس جو خاص قانون آهي، جنهن تحت لوڪل گورنمينٽ جي منظوري کانسواءِ ڪنهن به قسم جو ٽيڪس لاڳو نٿو ڪري سگهجي. سي ڊي اي وٽ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو ڪو قانوني اختيار ناهي. واضح رهي ته سي ڊي اي، پيٽرول پمپن ۽ سي اين جي اسٽيشنز تي رائيٽ آف وي ٽيڪس ۽ نجي هائوسنگ سوسائٽيز تي مرڪزي شاهراهه تان ڊائريڪٽ ايڪسيز ٽيڪس لاڳو ڪيو هو، جنهن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو.