اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حج معاونن ۽ خدام جي سليڪشن وارو عمل مبينا غير شفاف هجڻ خلاف ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مذهبي معاملن واري وزارت کي نوٽيس جاري ڪندي 20 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب هڪ صفحي تي مشمل لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت مذهبي معاملن واري وزارت کي پراسيس روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ درخواست تي نوٽيس جاري 20 جنوري تي ٻڌڻي کان اڳ مذهبي معاملن واري وزارت کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالتي حڪم نامي ۾ لکيو ويو آهي ته درخواستگذار سرڪاري ملازم آهي جنهن مذهبي معاملن واري وزارت جي شايع اشتهار کي چئيلنج ڪيو آهي. اشتهار تحت 2025ع جي جج معاونن ۽ خدام حج جي لاءِ درخواستون طلب ڪيون ويون آهن. درخواست ۾ بنيادي نڪتو اهو آهي ته معاونين ۽ خدام جي سليڪشن اين ٽي ايس ذريعي ٿئي. مذهبي معاملن واري وزارت پاران پروسيس ڪرڻ آفيس آرڊر جي خلاف ورزي آهي.