اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رولز ۾ تبديلي سبب نئون تڪرار پيدا ٿي ويو. بغير فل ڪورٽ گڏجاڻي جي رولز ۾ تبديلي تي جسٽس بابر ستار خط لکي وقتي چيف جسٽس کي پنهنجي اعتراضن بابت آگاهه ڪري ڇڏيو. جسٽس بابر ستار هاءِ ڪورٽ جي رولز ۾ تبديلي کي قانون جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس بابر ستار وقتي چيف جسٽس سميت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججز کي خط جي ڪاپي موڪلي ڇڏي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته مون کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رولز 2025ع جو گزٽ نوٽيفڪيشن مليو آهي. آئين جي آرٽيڪل 206 تحت اٿارٽي وٽ رولز ٺاهڻ جو اختيار آهي. آرٽيڪل 192 مطابق اٿارٽي مان مراد چيف جسٽس ۽ هاءِ ڪورٽ جا ججز آهن. هي اختيار ڪنهن ٻئي کي نٿو ڏئي سگجي. بغير فل ڪورٽ ميٽنگ جي رولز ۾ ڪيل ڪا به تبديلي آئين ۽ قانون جي نفي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ رولز ۽ آئين جي آرٽيڪل 208 جي تحت طئي ٿيل طريقيڪار کي نظرانداز ڪندي رولز ۾ ترميم ڪئي وئي، خط ۾ جسٽس بابر ستار زور ڏنو ته ان غلطيءَ جي تڪڙي درستگي ضروري آهي ته جيئن اداري جو آئيني وقار ۽ داخلي شفافيت متاثر نه ٿئي.