اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن لاءِ ايندڙ هفتي جو ڊيوٽي روسٽر جاري ڪيو ويو. 11 سنگل ۽ 6 ڊويزن بئنچز هونديون. ٽيڪس معاملن بابت خاص ڊويزن بينچ جوڙي وئي. وقتي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي منظوري سان رجسٽرار آفيس ڊيوٽي روسٽر جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس اعظم خان ۽ جسٽس راجه انعام امين منهاس ٽيڪس معاملن واري ڊويزن بينچ جو حصو آهن. جسٽس طارق محمود جهانگيري ايندڙ هفتي ڪنهن به ڊويزن بينچ ۾ شامل نه هوندو. پهرين ڊويزن بينچ وقتي چيف جسٽس ۽ جسٽس محمد آصف تي مشتمل هوندي، ٻي بينچ جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز، ٽين بينچ جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان، چوٿين بينچ جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس انعام امين منهاس، پنجين بينچ جسٽس خادم حسين سومرو ۽ جسٽس محمد اعظم خان، ڇھين ڊويزن بينچ ٽيڪس متعلق جسٽس اعظم خان ۽ جسٽس انعام امين منهاس تي مشتمل هوندي. وقتي چيف جسٽس جي منظوري سان خصوصي ڊويزن يا لارجر بينچ به دستياب هوندي.