اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججز جي بدليءَ خلاف درخواست تي ٻڌڻي، خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججز جي موقف جو دفاع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد بار ايسوسيئيشن جي دخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪئي وئي. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جوڊيشل ڪميشن ايندڙ اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مستقل مقرري جو معاملو ايجنڊا ۾ ناهي. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ هاءِ ڪورٽس جي ججز جي سينارٽي متعلق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ اٽارني جنرل پاڪستان منصور اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته مستقل چيف جسٽس جي مقرري لاءِ 14 ڏينهن اڳ ڪميشن کي آگاهه ڪيو ويندو آهي. اڄوڪي اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري جو معاملو ناهي ۽ ٻه مئي جي جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ به پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جو معاملو زير غور هوندو. وفاقي حڪومت عدالت ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي وفاقي حڪومت پنهنجي جواب ۾ بدلي ٿيل ججز جي راضپي وارو بيان جمع ناهي ڪرايو. ان معاملي تي چيف جسٽس پاڪستان ۽ لاڳاپيل چيف جسٽس سميت صدر جي راضپي جو بيان به جمع ناهي ڪرايو ويو. جنهن تي اٽارني جنرل وڌيڪ ٻڌايو ته ججز جي سينارٽي ۽ بدلي وارو معاملو سڀني جي رضامنديءَ سان ٿيو آهي. هي معاملو تڪراري ناهي. جسٽس محمد علي مظهر اٽارني جنرل کي چيو ته جيڪڏهن معاملو تڪراري ناهي ته اوهان کي راضپي جا بيان جمع ڪرائڻ گهرجن. جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته اسان ڏسڻ چاهيون ٿا ته هي معاملو شروع ڪٿان ٿيو جنهن تي اٽارني جنرل خاطري ڪرائي ته هو راضپي وارا بيان جمع ڪرائي ڇڏيندو. ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽنهي ججز کي نوٽيس ڪيو هيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽنهي ججن جو وڪيل ڪير آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل منصور اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته مون کي ٽنهي ججز پاران پيغام مليو آهي. جسٽس سرفراز ڏوگر، جسٽس خادم حسين سومرو ۽ جسٽس محمد آصف وڪيل نه پيا ڪن. ٽنهي ججز چيو آهي ته انهن کي آئيني بينچ تي اعتماد آهي ۽ بينچ جو فيصلو انهن کي قبول هوندو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڇا ڪنهن صوبائي حڪومت به ڪو لکت ۾ جواب جمع ڪرايو آهي. جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپخونخوا روسٽرم تي اچي چيو اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي آئيني پٽيشن کي سپورٽ ڪريون ٿا. جسٽس محمد علي مظهر پڇا ڪئي ته اوهان ڪو جواب به جمع ناهي ڪرايو. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ خيبرپخونخوا چيو اسان کي اڃا جواب جمع ڪرائڻو آهي. آخر ۾ جسٽس محمد علي مظهر چيو اڄ صرف اهو ڏسڻو آهي ته سمورن ڌرين کي نوٽيس ملي ويا آهن. اسان فيصلو ڪرڻ ۾ وڌيڪ وقت نه وٺنداسين. اسان باقائده ٻڌڻي اڱاري کان شروع ڪنداسين. جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22 اپريل اڱاري ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.