اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽ سويلينز تي طاقت جي استعمال جي معاملي تي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
22

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽  سويلينز تي طاقت جي استعمال جي معاملي تي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ سپريم ڪورٽ بار گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر رياست علي آزاد جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊي چوڪ تي سولين تي طاقت جو استعمال انساني، سياسي ۽ معاشرتي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، طاقت جي استعمال ۾ ملوث اختيارين خلاف فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي پڌرائي ۾ سپريم ڪورٽ کان واقعو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو به مطالبو ڪيو ويو.