لاهور (اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جي ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ انضمام الحق اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف ميچ ۾ ڪپتان بابر اعظم جي اوپننگ نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بابر اعظم هڪ عالمي معيار جو رانديگر آهي ۽ هن پاڻ پنهنجو نمبر تبديل ڪيو ۽ ٽئين نمبر تي آيو. انضمام الحق جو چوڻ آهي ته بابر اعظم چاهيندو هو ته مچل اوون اوپنر کيڏي ۽ پاور هٽنگ ڪري، بابر ضرورت مطابق اننگز کيڏي. هن چيو ته معاذ صداقت پنهنجي ڊيبيو ۾ سٺو کيڏيو. هو هڪ اوپنر آهي پر مڊل آرڊر ۾ کيڏيو، جيڪو قابل ذڪر هو. هن  اهو به چيو ته سفر ايترو ٿڪائيندڙ ناهي جو ان سان ڪارڪردگي ۾ فرق پوي.