اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ٽنهي وڪلين جي تنظيمن سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن کان 63 اي نظرثاني درخواست فوري واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار، اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار ۽ اسلام آباد بار ڪائونسل جي گڏيل پريس ڪانفرنس ۽ ٽنهي بار ايسوسئيشن جي نمائندن آئيني پيڪيج کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد بار ڪائونسل جي عليم عباسي ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان صرف رد نٿا ڪريون پر ان کي روڪڻ جي لاءِ مذاحمت به ڪنداسين. مخصوص شخصيتن، مخصوص سياسي جماعتن ۽ بدنيتي تي مبيني ترميم ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد جي ٽنهي وڪيل تنظيمن ترميم روڪرائڻ جي لاءِ مزاهمت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد بار ڪائونسل جي عليم عباسي چيو آهي ته ان ترميم بعد سپريم ڪورٽ وٽ سيشن جج کان وڌيڪ اختيار نه هوندو. ڇهن ججز جو خط پسند نه آيو ته ان کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ به ترميم آندي پئي وڃي. اسلام آباد جي ٽنهي وڪيل تنظيمن جي نمائندن سپريم ڪورٽ بار کان 63 اي نظرثاني اپيل واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن اسلام آباد جي وڪيلن جي نمائندن تنظيمن جو گڏيل اجلاس ٿيو. عليم عباس چيو ته حڪومت جي تجويز ڪيل آئيني ترميم آڻي رهي آهي ان ان تي اسان جي مشاورت ٿي آهي. اسلام آباد جي وڪيلن جا نمائندا تنظيم تجيوز ڪيل آئيني ترميم کي رد ڪري ٿي. اسان صرف تجويز ڪيل آئيني ترميم رد نٿا ڪريون پر مذاحمت به ڪنداسين. هي آئيني ترميم بدنيتي تي مبيني آهي. هڪ شخص ۽ هڪ جماعت جي لاءِ ترميم آندي پئي وڃي. هي آئيني ترميم آمريت پسندانه سوچ ۽ آمرانه قوتن جي پسنديده آهي. عليم عباسي وڌيڪ چيو ته وزير اعظم ۽ صدر ڪنهن ٻئي جي خواهش تي آئيني عدالت جو سربراهه مقرر ڪندا. تجويز ڪيل آئيني ترميم جي ذريعي جوڊيشل جو وجود ئي ختم ڪيو ويو آهي. اسان شرع کان چئي رهيا آهيون ته سينيئر ترين جج چيف جسٽس ٿيندو. راجه عليم عباسي چيو ته جوڊيشل ڪميشن جي 13 مان 7 ماڻهو حڪومت وقت جا هوندا. ان سازش ۾ چيف جسٽس سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. 68 ورهين جي عمر رکي رستو کوليو ويو ته اوهان اسان سان گڏ هوندا ته اسان اوهان کي نوازينداسين. ان ترميم پاس ٿيڻ بعد ڪو باضمير جج سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ ڪم نه ڪري سگهندو. اسلام آباد جي ٽنهي وڪيل تنظيمن جو 7 آڪٽوبر تي ڏينهن جو 11 وڳي آل پاڪستان وڪلا ڪنوينشن ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪنوينشن ۾ پوري ملڪ مان بار ڪائونسلز ۽ وڪيل اڳواڻ شرڪت ڪندا.