حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ستار رند ۽ ٻين چيو آهي ته وفاقي سرڪار جو ڪارپوريٽ فارمنگ وارو منصوبو ملڪ کي ملٽي نيشنل ڪمپنين وٽ وڪرو ڪرڻ جي سازش آهي. اهڙي عمل سان سنڌين، سرائيڪن ۽ بلوچن جي ڌرتي تي مڪمل طور تي عالمي ڪمپنين جو قبضو ٿي ويندو. حڪمران 1960ع ۾ ملڪ دشمن فيصلو ڪري هندستان کي 3 درياهه وڪرو ڪري ڇڏيا. ملڪ جي هر ورثي کي بازار ۾ وڪري جو وکر بڻايو ويو آهي. صدارتي هائوس ملڪ دشمن سازشن ۾ ملوث آهي. حڪمرانن جي عوام دشمن پاليسين سبب ملڪ تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. غير ملڪي ڪمپنين کي الاٽ ڪيل زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. صدر زرداري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه جو پاڻي غير ملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان سنڌ ۾ ماڻهن جي نسل ڪشي ٿيندي.