
ڊيره غازي خان(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دشمن تاڙ ۾ ويٺو آهي، خارجي ملڪ ۾ دهشتگردي ڪري رهيا آهن، اسلام آباد تي ٿيندڙ چڙهاين جي خاتمي تائين ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ترقي ۾ هندستان کي پوئتي نه ڇڏيو ته شهباز شريف ناهيان، ٻاهرين ملڪن جي دوري تي ويندو هيس ته عمران خان چوندو هو ته قرض وٺڻ ويو آهي، پاڻ پئسا ورهائيندو هو ڇا؟ نواز شريف سياست قربان ڪري پاڪستان کي بحران مان ڪڍيو. ڊي جي خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هڪ سياستدان چوندو هو ته شهباز شريف ٻاهر پئسا وٺڻ ويندو آهي، اهو ٻڌائي ته پاڻ ٻاهر وڃي پئسا ورهائيندو هو؟ جڏهن ٻاهر ويندو آهيان ته اها دعا ڪندو آهيان برادر ملڪ جو سربراهه اهو نه سمجهي ته پئسا وٺڻ آيو آهيان پر خدشو اهو ئي هوندو آهي ته هيءُ پاڪستان کان آيو آهي، اسان محنت ڪنداسين ۽ پگهر وهائينداسين پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين، ڀارت کي شڪست ڏينداسين، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ نواز شريف جي دور ۾ ترقي ٿي، اڄ مريم به عوام جي خدمت لاءِ ميدان ۾ آهي، ڏکڻ پنجاب جو ڪوٽا نواز ۽ مون وڌايو هاڻي خوشحالي جو دور شروع ٿيندو، نوجوانن کي روزگار ملندو، بجلي اگهه وڌيڪ گهٽ ٿيندا، قرضن مان جند ڇڏائينداسين. وزيراعظم پاران ڊي جي خان ۾ ڪينسر اسپتال ۽ راجن پور ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.