اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. پنجاب ۾ راولپنڊي، اٽڪ، چنيوٽ، چڪوال، ميانوالي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. ان کان علاوه پشاور، مردار، مهمند ۽ شبقدر ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. لڪي مروت، نوشهره، صوابي، لوئر دير ۽ مالاڪنڊ ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 4.3 رڪارڊ ڪئي وئي. گهرائي 12 ڪلوميٽر هئي. ڪنهن به قسم جي نقصان جا اطلاع ناهن مليا. زلزلي جو مرڪز راولپنڊي کان 60 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ هو. ٻئي طرف پي ڊي ايم اي پنجاب جي ترجمان چيو ته زلزلي بابت شروعاتي رپورٽون مليون آهن، جنهن ۾ راولپنڊي، گجرات، لاهور ۽ فيصل آباد سان گڏ پنجاب جي ٻين علائقن ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته پنجاب ۾ انتظاميه عمارتن جي چيڪنگ ۾ مصروف آهي. پنجاب جي ڪنهن به علائقي مان جاني يا مالي نقصان جي ڪا به رپورٽ نه ملي آهي. جڏهن ته آفٽر شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري ۽ عملي کي الرٽ رکيو ويو آهي.