اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي ۾ جمعيت پاران شاگردن تي تشدد وارو معاملو. شاگرد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جا شاگرد سخت خطري ۾ آهن، ڪيمپس کان ٻاهر پناهه وٺڻ تي مجبور آهن. جمعيت جي ڪارڪنن گذريل ڏينهن پشتون، سنڌي ۽ سرائيڪي شاگردن تي تشدد ڪيو هو. تشدد جي نتيجي ۾ 30 کان وڌيڪ شاگرد سخت زخمي ٿي پيا هئا. يونيورسٽي انتظاميا شاگردن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام آهي، شاگردن ڪيترائي ڀيرا پوليس ۽ يونيورسٽي انتظاميا کان مدد لاءِ رابطو ڪيو پر يونيورسٽي انتظاميه مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو. واقعي ۾ ملوث جمعيت جي ڪارڪنن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ شاگرد اتحاد جو ڌرڻو جاري رهندو.