اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران 18ورهين کان گهٽ عمر ۾ شادي تي پابندي جي مخالفت، پارليامينٽ مان منظور ٿيل بل غير اسلامي قرار

0
34
اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران 18ورهين کان گهٽ عمر ۾ شادي تي پابندي جي مخالفت، پارليامينٽ مان منظور ٿيل بل غير اسلامي قرار
اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران 18ورهين کان گهٽ عمر ۾ شادي تي پابندي جي مخالفت، پارليامينٽ مان منظور ٿيل بل غير اسلامي قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ٿيل 18 سالن کان گهٽ عمر واري شادي تي پابندي وارو بل غير اسلامي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس چيئرمين ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ننڍي عمر جي شاديءَ جي اهم سماجي معاملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل 18 سالن کان گهٽ عمر جي شادي تي پابندي وارو بل اتفاق راءِ سان رد ڪري ڇڏيو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪي پي حڪومت پاران پيش ڪيل ٻارن جي شادي تي پابندي وارو بل به شريعت سان ٽڪراءَ قرار ڏئي ڇڏيو، پڌرائي موجب ڪائونسل شرميلا فاروقي پاران پيش ڪيل 18سالن کان ننڍي عمر ۾ شادي تي پابندي وارو بل غير اسلامي قرار ڏنو ويو، 18سالن کان گهٽ عمر جي شادي کي زيادتي قرار ڏيڻ ۽ سزائون مقرر ڪرڻ جون شقون اسلامي حڪمن جهڙيون ناهن، اهو بل قانونسازي کان اڳ ڪائونسل کي جائزي لاءِ نه موڪليو ويو، ڪائونسل ڪي پي حڪومت پاران موڪليل ننڍي عمر ۾ شادي تي پابندي واري بل کي شريعت سان ٽڪراءَ قرار ڏنو، ڪائونسل نڪاح کان اڳ ٿيليسيميا جي ٽيسٽ کي لازمي قرار ڏيڻ بدران اختياري رکڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسلامي تعليم جي روشني ۾ نڪاح کي غير ضروري پيچيدگين کان محفوظ رکڻ گهرجي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل عدالتي فيصلن جي غير ذميواراڻي رپورٽنگ تي ڳڻي جو اظهار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته ڇوڪرِي وارن تي ڏاج جو سامان ڏيڻ لاءِ زور زبردستي ڪرڻ اسلامي تعيلم جي خلاف آهي، ڪائونسل چيو ته عورتن کي اختيار هجڻ گهرجي ته شادي بعد مڙس جي علائقي جو ڊوميسائل رکن يا والدين جي علائقي جو، ڪائونسل قرار ڏنو ته عدت مڪمل ٿيڻ بعد مڙس تي طلاق ڏنل زال جا ڪوئي مالي حق واجب الادا ناهن هوندا.  نيب پاران مختلف منصوبن، اسڪيمن جي شرعي حيثيت بابت غور ويچار اجلاس جي ايجنڊا جو حصو هو، خلع جي صورت ۾ حق مهر جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو، اسلام آباد ۾ ٻارن جي شادي تي پابندي جو بل، ڪي پي حڪومت پاران اماڻيل چائلڊ ميريج ايڪٽ، مسلم فيملي قانون ترميمي بل جو جائزو وٺڻ به اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل هو.