ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان واپاري اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 26 اپريل تي ڪراچي جي واپارين اسان جي ھڙتال جي حمايت ڪئي آهي ، فلسطين ۾ جاري اسرائيلي دھشتگردي  خلاف ھر ماڻهو پنهنجو آواز بلند ڪري پيو پر اسلامي ملڪن جا حڪمران ۽ اقوام متحده خاموش آھن، ھن چيو ته 26 اپريل تي ملڪ گير ھڙتال تاريخي ثابت ٿيندي.