اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلاميءَ جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسلامي دنيا کي عزه تي ٿيندڙ ظلمن تي خاموش نه ويهڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي پاران غزه ۽ فلسطينين جي حق ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي جماعت اسلاميءَ جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسرائيل کي آمريڪي پٺڀرائي آهي، ان ڪري هو غزه تي ظلم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته غزه ملبي جو ڍير بڻجي ويو، اسان کي سمجهڻ گھرجي ته اهو ڪم رڪجڻ وارو ناهي، ان ڪري اسان کي خبردار رهڻو پوندو. حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان اکيون نه پٽيون ته وڏي نقصان ۾ پئجي وينداسين.